تازه ترين

سرڪاري ادارا ڇا پيا ڪن، رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، رڳو ماڻهن کي سرڪاري نوڪرين ۾ ڀريو پيو وڃي : چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سرڪاري ادارا ڇا پيا ڪن، رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، رڳو ماڻهن کي سرڪاري نوڪرين ۾ ڀريو پيو وڃي، رڳو ملازمن کي ويهاري پگهار ڏني پئي وڃي، حڪومت وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ناهي، بس چيو پيو وڃي ته  خدمت ڪري رهيا آهن، هڪ هڪ جاءِ تي ٽيڻ تي ملازمن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي،  سرڪاري نوڪريون اهڙن ماڻهن کي ڏنيون وينديون آهن جيڪي قابل ئي نه آهن، غير قانوني ڀرتين جو بار سنڌ جي عوام تي ڇو وڌو وڃي؟. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حيدرآباد ڊويلپمينٽ اٿارٽي مان ڪانٽريڪٽ ملازمن کي برطرف ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت درخواست ڏيندڙ جي وڪيل طرفان اطمينان جوڳو جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته هو ڏسندا ته سرڪاري کاتا ڇا ڪري رهيا آهن، سرڪاري ادارا ڇا پيا ڪن، رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، رڳو ماڻهن کي سرڪاري نوڪرين ۾ ڀريو پيو وڃي. هن چيو ته رڳو ملازمن کي ويهاري پگهارون ڏنيون پيون وڃن، حڪومت وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ناهي، بس چيو پيو وڃي ته خدمت ڪري رهيا آهن، هڪ هڪ جاءِ تي ٽيڻ تي ملازمن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته سرڪاري نوڪريون اهڙن ماڻهن کي ڏنيون وينديون آهن جيڪي قابل ئي نه آهن، غير قانوني ڀرتين جو بار سنڌ جي عوام تي ڇو وڌو وڃي؟. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل ملڪ نعيم چيو ته حڪومت پاڻ پراجيڪٽ شرو ڪيا بعد ملازمن کي واپس اماڻي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائر عيسيٰ چيو ته کين حڪومت ته ناهي هلائڻي، حڪومت هو پاڻ هلائن. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته صدر ۽ گورنر جي پيڪيج تحت ڀرتيون ٿيون. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ڇا اختيارن جي نالي تي قانون جا بخيا اڊيڙيا ويندا آهن، صدر ۽ گورنر وٽ ڪهڙا اختيار آهن؟، ڇا سندن وٽ پنهنجا پيسا هئا؟، آئين جا بخيا اڊيڙيندا ته هو اجازت نه ڏيندا، صدر وٽ ڪهڙا اختيار آيا ته جنهن کي چاهي پيسا ڏئي. سپريم ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڪڏهن ٿيو هو هي ڪنهن ڪيو هو؟، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته جنرل مشرف جي دور ۾ ڀرتيون ٿيون پيڪيج مليو هو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جنهن شيءِ جو بنياد ئي غلط هجي پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي، شيءِ قائم ناهي رهي سگهندي، صوبي جي ماڻهن جي ڳالهه ڪريو کين ڇا ملي رهيو آهي؟، ڇا روڊ، پاڻي ۽ بجلي ملي رهي آهي؟، ڇا سمورا پيسا پگهارن ۾ ڏيندا رهندا؟  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون