تازه ترين

سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت نار جي ملڪن ۾ عيدالضحى مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

- Advertisement -
سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت نار جي ملڪن ۾ عيدالضحى مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. سعودي عرب ۾ مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي سميت 12 هزار کان وڌيڪ مسجدن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا. لکين پاڪستانين سميت لکين ماڻهن عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي. مسجد الحرام ۾ شيخ عبدالرحمان السديس عيد نماز جي امامت ڪئي ۽ خطبو ڏنو. عيد جي خطبي ۾ قرباني جي فضيلت تي روشني وڌي ۽ مسلمانن کي ايثار ۽ قرباني سان گڏوگڏ الله پاڪ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سعودي عرب جي 12 هزار کان وڌيڪ ننڍين ۽ وڏين مسجدن ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز جا اجتماع به ٿيا جن ۾ سعودي شهرين، پاڪستانين ۽ پرڏيهي شهرين شرڪت ڪئي. نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ماحول عيد جي تڪبيرن جي ورد ۽ الله اڪبر جي نعرن سان گونجي اٿيو. ان موقعي تي اسلام جي سربلندي، امت مسلمه جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، عيد نماز جي اجتماعن کانپوءِ سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني ڪئي پئي وڃي. افغانستان ۾ به عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي، افغان شهرين عيد جي نماز ادا ڪئي. يورپ ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن ۾ هن ڀيري به 2 عيدون ملهايون وينديون……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
33 %
3kmh
5 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون