تازه ترين

سنڌو درياهه ۾ گڊو کانپوءِ سکر بئراج وٽ به وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر

- Advertisement -
سکر بئراج وٽ پاڻي جي مسلسل واڌ بعد وچين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. پاڻي ۾ واڌ بعد سکر بئراج جو مٿانهون  وهڪرو 3 لک 92 هزار 120 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 3 لک 50 هزار 40 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج عبدالعزيز سومرو جو چوڻ هو ته گذريل ٻن ڏينهن کان وهڪرا 3 لک کان وڌيڪ هلي رهيا هئا، پر وچولي ٻوڏ جيترو پاڻي رڪارڊ نه ڪيو ويو هو. ڪنٽرول روم انچاج وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ سکر بئراج جي ڊائون اسٽريم ۽ اپ اسٽريم ۾ پاڻي وهڪرا 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ ٿيا ته وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي. هوڏانهن سنڌو درياهه جي پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي جنهن بعد گڊو  بئراج وٽ هڪ هفتي کان وچين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. گڊو بئراج وٽ چوويهن ڪلاڪن اندر پاڻي سطح ۾ 2 هزار ڪيوسڪ واڌ ٿي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 28 هزار 105 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 3 لک 98 هزار 324 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. هوڏانهن تونسا بئراج وٽ پاڻي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪنٽرول روم موجب تونسا بئراج ۾ پاڻي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو برقرار رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
46 %
2kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون