سنڌڙي ٿاڻي تي چوري جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار لاڪپ مان فرار ٿي ويو، جنهن بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.
ڀاڳيو واٽر ويجهو شر برادري جي چوري دوران ڳوٺاڻن 12 ميل جي رهواسي پرويز سيال کي سوگهو ڪري ورتو هو.
ڳوٺاڻن سوگهو ڪيل چور کي سنڌڙي پوليس حوالي ڪيو هو.
پوليس جوابدار کي تحويل ۾ وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رات چوري جي الزام ۾ گرفتار جوابدار پرويز سيال لاڪ اپ مان فرار ٿي ويو، جنهن بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.