سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه جي واقعن ۾ هڪ گهر ۽ سارين جو ديرو سڙي رک ٿي ويو

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه جي واقعن ۾ هڪ گهر ۽ سارين جو ديرو سڙي رک ٿي ويو. ڪنري ڀرسان ڳوٺ عبدالغفور آرائين ۾ پورهيت مراد ڀيل جي گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب سندس گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو. وارهه ويجهو ڳوٺ شاهمراد ٻڍاڻي واسي عبدالرسول ٻڍاڻي جي 15 جريب سارين جي ديري کي اڻڄاتل شرپسندن باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب لکين رپين جون ساريون سڙي ويون. هاري عبدالرسول ٻڍاڻي جو چوڻ هو ته باهه سبب سندس لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، شرپسندن ديري کي باهه ڏئي ظلم ڪيو آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شرپسندن کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
42%
3.6m/s
1%
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون