- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ماءُ ۽پٽ سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ڪراچي جي گلشن اقبال، نيپا، حسن اسڪوائر، يونيورسٽي روڊ، ڊالميان، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو.
حيدرآباد ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو.
ٿڌي سڙڪ، گدو ناڪو، لطيف آباد، سبزي منڊي، علي نگر وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.
سکر ۾ لڳاتار برسات شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.
وسڪاري بعد ڪاروباري مرڪزن ۽ رهائشي علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب رهواسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا.
برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ٽن عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات نسيما، اجمل، پيارو، نور، واحد، حبيب، اسلم، نجمه ۽ ٻيا شامل آهن.
لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جاري آهي، وسڪاري سبب ڳوٺ رحيم بخش بگٽي ۾ مينهن جي واڙي جي ڇت ڪرڻ سبب 45 ورهين جو اياز بگٽي فوت ٿي ويو، مظفر ۽ خالد بگٽي زخمي ٿي پيا.
جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ برسات بعد بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.
شهداد ڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ پهچڻ جو خدشو آهي.
قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري سبب سيپڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن.
دادو ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ضلعي انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، ناليون ۽ گٽر بند هجڻ پاڻي دڪانن، گهرن ۽ اسڪولن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب شهري عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
سانوڻي جي وسڪاري شڪارپور شھر جي مک رستن، بازارن ۽ مختلف پاڙن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
جماڻي هال، ھاٿي در، گھنٽا گھر، اسٽيشن روڊ سميت سبزي منڊي ۽ مختلف پاڙن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، ميونسپل انتظاميه شھر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي.
ڊي سي الطاف احمد چاچڙ شھر جو دورو ڪري جلد برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.
نوشهرو فيروز ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب وونئڻن، ترن ۽ کجين جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، جڏهن ته وسڪاري بعد شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيهجي ويو آهي.
دوداپور جي منگي پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ پٽ دٻجي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ پنهون ڀٽي ۾ برساتي پاڻي 3سئو کان وڌيڪ گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڳوٺاڻن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي.
پيرڳوٺ ۾ ٻن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته انتظاميا پاڻي جي نيڪالي لاءِ تحرڪ ئي ناهي ورتو.
شهر جي مک روڊ رستن ۽ مختلف پاڙن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري بعد شهر جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.
نصير آباد ۽ ڀرپاسي ۾ 18 ڪلاڪن کان لڳاتار برسات سبب شهر ۾ هڪ فوٽ پاڻي بيهجي ويو، جنهن سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي.
وارهه ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري برسات سبب ڳوٺ سوائي چانڊيو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي.
فريد آباد ۽ ڀرپاسي ۾ 13 ڪلاڪن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي.
برسات دروان ڳوٺ سوائي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 سالن جي نينگري نويدان چانڊيو فوت ٿي وئي.
ڪاڇي ۾ وسڪاري بعد نئيون وهي اچڻ سبب 15 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڳوٺ کولر عباسي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ، پٽ ۽ ڌيءُ دٻجي زخمي ٿي پيا آهن.
ٺارو شاهه، درٻيلو، مڃٺ ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
سيوهڻ ۾ لڳاتار هلندڙ برسات شهر جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کير ٿر جي جابلو پٽي تي وسڪاري نئيون وهي اچڻ سبب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 112 فوٽ کان به وڌي وئي آهي، جنهن ڪري 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
- Advertisement -
