تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي ۾ واڌ ٿي وئي آهي، نظر جي حد گهٽجي وئي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي ۾ واڌ ٿي وئي آهي، نظر جي حد گهٽجي وئي، ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪيتريون ئي اڏامون ۽ ٽريفڪ رواني متاثر رهي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن، ايئرپورٽ، ملير، زراق آباد، گلشن حديد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي. ڪوهيڙي سبب ڏيهي ۽ پرڏيهي اڏامون متاثر ٿيون ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. ٺٽي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي. مٽياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ کانپوءِ موٽروي پوليس پاران فوگ لائيٽون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي. گهاري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. اڏيرو لال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. ٽنڊي باگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. موٽر وي پوليس طرفان ڪوهيڙي ۾ گاڏين جون فوگ لائيٽون استعمال ڪرڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جيئن روڊ حادثن کان بچي سگهجي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
41 %
3.5kmh
65 %
اربع
25 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون