تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت  ٿي ويا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت  ٿي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪنب ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ٻن ٽرالرن وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي هڪ ڄڻو فوت  ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

جهنڊو مشائخ وٽ روڊ حادثي ۾ وزيرستان واسي  محمد اختر پٺاڻ فوت ٿي ويو ۽ نوجوان شهزاد پٺاڻ زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو آهي.

مسڻ ويجهو سطان آباد واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

کهڙا ويجهو رپڙي روڊ تي موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب واٽهڙو نوجوان فوت ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.4 ° C
4.4 °
4.4 °
38 %
1.1kmh
31 %
سُومر
4 °
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
13 °
جمعو
15 °

تازه ترين خبرون