تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي جي وائيس چانسلر کي غيرقانوني ڀرتين جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي جي وائيس چانسلر کي غيرقانوني ڀرتين جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دائود انجنئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران مسقتل طور 21 هين گريڊ جا استاد ۽ ٻيا آفيسر ڀرتي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل ضمير ڪلهوڙو موقف اختيار ڪيو ته دائود يونيورسٽي پاران 2 مئي 2025 تي ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کانسواءِ اشتهار جاري ڪيو ويو. وڪيل جو چوڻ هو ته دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين کي سڌو سنئون ۽ ڪانٽريڪٽ بدران مستقل طور ملازم ڀرتي ڪرڻ جا اختيار ناهن. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته دائود يونيورسٽي جي وي سي کي نوٽيس جاري ڪري پڇاڻو ڪيو وڃي ڇو ته ان عمل سان ٻين يونيورسٽين سان انصاف نه ٿي سگهندو. جنهن تي عدالت سڳوري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ٻن مهينن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
7 %
1.9kmh
0 %
سُومر
19 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
19 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون