تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي :مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي واري شق ختم ڪرڻ نه ڏني ويندي ۽ نه وري ڪو ڪٽ قبول ڪيو ويندو، ستاويهين ترميم ۾ ڪجهه شيون وقت جي ضرورت آهن، تڪرار پيدا نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري کي مانيٽر ڪرڻ جي پهرين ڊيجيٽل نظام اسٽوڊنٽ اٽينڊنٽس مانيٽرنگ اينڊ ريڊريس سسٽم جي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ افتتاحي تقريب ٿي. افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري جو پهريون ڊجيٽل نظام متعارف ٿي ويو، صوبي ۾ تعليم جي معيار ۽ حاضري کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايس اي ايم آر ايس پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي. سندس چوڻ هو ته پراجيڪٽ جو مقصد پرائمري شاگردن جي ريڊنگ اسڪلز ۾ اضافو ڪرڻ آهي، کين علم هئڻ گهرجي ته ٻارڙا ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن، ٻارن جي مانيٽرنگ جو نظام هر اسڪول ۾ هئڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضروري هو ته هو ٻارن کي ٽريڪ ڪري سگهن ته جيئن درست معلومات ملي سگهي، هن حاضري سسٽم جي منصوبي کي اسڪول کانپوءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ لاڳو ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ميدان جي ترقي ۾ عالمي بينڪ ۽ گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيش جو نمايان ڪردار آهي، ٻنهي جي تڪنيڪي معاونت ۽ ڀائيواري سان تعليم جي نظام کي بهتر، جديد، هاڪاري ۽ مضبوط بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ڀائيوارن جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ تعليمي سڌارن ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي، هو سنڌ حڪومت تي اوهان جي اعتماد ۽ سهڪار جا ٿورائتا آهن، هو اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي جي به واکاڻ ڪن ٿا، صوبائي وزير جي بصيرت ۽ دورانديشي ساراهه جوڳي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي واري شق ختم ڪرڻ نه ڏني ويندي ۽ نه وري ڪو ڪٽ قبول ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته ستاويهين ترميم ۾ ڪجهه شيون وقت جي ضرورت آهن، تڪرار پيدا نه ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون