تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف سيشنز ڪوٺائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف سيشنز ڪوٺائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ درخواستن جي ٻڌڻي 2 رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهرين جا وارث ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا آهن. ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شهرن جي بازيابي لاءِ ڪيترائي جي آءِ ٽيز ۽ پي ٽي ايف سيشن جا اجلاس ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گم ٿيل شهرين بابت ادارن ۽ ايجنسين کي خط لکيا ويا آهن. عدالت شهرين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون