- Advertisement -
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ ثقافتي ڏهاڙو پهرين ڊسمبر تي “مذهبي ڀائيچارو، اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشت” جي سِري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌو ماٿريءَ جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان لاءِ سنڌي ميڊيا جي مالڪن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر اجيت ڪمار آهوجا، ڪي ٽي اي نيوز جي سي ايِ او اطهر قاضي، آواز ٽي وي جي سي اِي او فيض بروهي، ڌرتي ٽي وي جَي سِي ايِ او جي ايم جمالي، مهراڻ ٽي وي جي چيئرمين غلام نبي مورائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
گڏجاڻي دوران سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو پهرين ڊسمبر تي “مذهبي ڀائيچارو، اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشت” جي سِري هيٺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ طرفان هر سال ثقافتي ڏهاڙو بامقصد عنوان هيٺ ملهائي سڄي دنيا کي امن، ڀائيچاري، عدم تشدد ۽ پيار جي پرچار ڪئي ويندي آهي.
ثقافتي ڏهاڙو “مذهبي ڀائيچارو، اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشت” جي سري هيٺ ملهائڻ جو مقصد مذهبي ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڌو درياهه جي اهميت اجاگر ڪرڻ آهي.
ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان بعد سڄي سنڌ ۾ ثقافتي عيد جون تياريون شروع ٿي وينديون ۽ ثقافتي تقريبن جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويندو.- Advertisement -
