تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ طرفان ثقافتي ڏهاڙو پهرين ڊسمبر تي ملهائڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ ثقافتي ڏهاڙو پهرين ڊسمبر تي “مذهبي ڀائيچارو، اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشت” جي سِري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌو ماٿريءَ جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان لاءِ سنڌي ميڊيا جي مالڪن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر اجيت ڪمار آهوجا، ڪي ٽي اي نيوز جي سي ايِ او اطهر قاضي، آواز ٽي وي جي سي اِي او فيض بروهي، ڌرتي ٽي وي  جَي سِي ايِ او جي ايم جمالي، مهراڻ ٽي وي جي چيئرمين غلام نبي مورائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو پهرين ڊسمبر تي “مذهبي ڀائيچارو، اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشت” جي سِري هيٺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ طرفان هر سال ثقافتي ڏهاڙو بامقصد عنوان هيٺ ملهائي سڄي دنيا کي امن، ڀائيچاري، عدم تشدد  ۽ پيار جي پرچار ڪئي ويندي آهي. ثقافتي ڏهاڙو “مذهبي ڀائيچارو، اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشت” جي سري هيٺ ملهائڻ جو مقصد مذهبي ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڌو درياهه جي اهميت اجاگر ڪرڻ آهي. ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان بعد سڄي سنڌ ۾ ثقافتي عيد جون تياريون شروع ٿي وينديون ۽ ثقافتي تقريبن جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
32 %
3.9kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون