تازه ترين

سول سوسائٽي سميت سڄاڻ ڌرين ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي

- Advertisement -
سول سوسائٽي سميت سڄاڻ ڌرين ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته سنڌ جي ڀائيچاري جو ڪيس سنڌ جي راڄڌاني ۽ سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ باشعور رکندڙ عوام آڏو رکيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس مڙهه ساڙيو ويو، کين پوليس جي جاچ تي شڪ  آهي، 13 آڪٽوبر تي عوام ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري. شهيد مير مرتضيٰ جي پٽ جونيئر ذوالفقار چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جهڙا واقعا سڄي ملڪ کان خطرناڪ آهن. ناليواري رقاصا  شيما ڪرماڻي چيو ته سنڌ ۾ عوام سان دشمني ڪئي پئي وڃي، بنا تصديق ماڻهو مارڻ  ناانصافي آهي،  سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس جي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي عدالت کان  مٿڀري قتل  خلاف 13 آڪٽوبر تي سنڌ جو عوام گڏ ٿئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
15 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون