تازه ترين

سياسي پارٽيون واعدا ڪري وساري ڇڏينديون آهن، پي ٽي آءِ برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪا پنج ارب رپين جي رقم جمع ڪئي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياسي پارٽيون واعدا ڪري وساري ڇڏينديون آهن، پي ٽي آءِ برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪا پنج ارب رپين جي رقم جمع ڪئي، اها ڪٿي آهي؟، وفاقي سرڪار جاچ ڪرڻ گهرجي ته رقم ڪٿي خرچ ٿي، اهي پيسا ڏڦيڙ ۽ ڊجيٽل دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيا، ڏکي وقت ۾ پيپلز پارٽي عوام سان گڏ بيٺل آهي، پنڪ ٽيڪسي سروس به جلد شروع ٿيندي، مسافر ۽ ڊرائيور عورتون ئي هونديون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  يوسف ڳوٺ ۾ پيپلز بس سروس روٽ 8 جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ اڳوڻي ايم اين اي قادر مندوخيل، غلام حبيب جدون، لياقت آسڪاڻي ۽ ٻين مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي، پيپلز بس سروس مان لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا، اڄ يوسف ڳوٺ کان ٽاور تائين روٽ جو افتتاح ڪيو آھي. سندس چوڻ هو ته هن مهانگائي ۽ گرميءَ جي دور ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام کي گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙن تي سفر ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري رهي آهي، سڀ ماڻهو اي سي بس ۾ گهٽ ڀاڙن تي سفر ڪندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب ڀاڙو وڌايو وڃي، پر وڏي وزير چيو ته سبسڊي ڏيندا، پر عوام تي بار نه وجهندا، پيپلز پارٽي پاران عورتن لاءِ پنڪ بس شروع ڪئي وئي، هو عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسي سروس پڻ شروع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اڄ به راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڪستان جون بهترين اسپتالون آهن،  اين آءِ سي وي ڊي ڪجهه وقت کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي اسپتال طور اڀري ايندي، پيپلز پارٽي ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک گهر ٺاهي رهيو آهي، هي منصوبو دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، هڪ پارٽي اڳواڻ چيو ته هن ٻوڏ متاثرن لاءِ پنج ارب رپيا گڏ ڪيا آهن، اهي پئسا ڪيڏانهن ويا؟، وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف باني جي گڏ ڪيل رقم جي جاچ ڪري، 9 مئي تي ايمبولينس، بسن ۽ قومي هيرو جو پتلو ساڙيو ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪراري چونڊون 2018ع جون چونڊون هيون، عوام جي خدمت عوام جي نمائندن ذريعي ڪئي ويندي آهي، قادر مندوخيل ۽ قادر پٽيل روز فون ڪندا هئا ته ڪياماڙي  ۾ بسون ڪڏهن هلنديون؟، هي سفر بند نه ٿيندو، اورنج لائين بي آر ٽي تي به ڪم آخري مرحلي ۾ آھي ……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
32 %
4.7kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون