سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ  اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ جي درخواست رد

spot_img
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ  اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪهڙي آئيني شق تحت اميدوار کي اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو ووٽ کڻڻ لازمي قرار ڏنو وڃي، اليڪشن ۾ ووٽن جي بنياد تي ڪامياب اميدوار جو فيصلو ٿيندو آهي ۽ ووٽر ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ وڃي ته ان کي ڇا ٿو ڪري سگهي. جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان ٻڌايو وڃي ته درخواست ڏيندڙ جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي ۽ آئين جي ڪهڙن آرٽيڪلز جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. جسٽس امين  الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو نئون قانون ٺاهڻو آهي ته سپريم ڪورٽ کي به اختيار نه آهن. درخواست ڏيندڙ محمد اڪرم دليل ۾ چيو ته سمورا بنيادي حق هن درخواست ۾ اٿاريل سوال سان ئي ڳنڍيل آهن، سندن زندگي جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي آهي، جنهن تي جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته زندگي جو فيصلو ته پارليامينٽ ناهي ڪندي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورن ماڻهن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو حق حاصل آهي، پولنگ واري ڏينهن ماڻهو ٽي وي ڏسن ٿا، ووٽ ڏيڻ نه ٿا وڃن، ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ ووٽرن جي ڪمزوري آهي. آئيني بينچ پاران بي بنياد ڪيس تي درخواست ڏيندڙ تي 20 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. درخواست ڏيندڙ محمد اڪرم چيو ته ڏنڊ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ارب رپيا ته ڪريو، ته جيئن ملڪ جو قرض گهٽ ٿئي. جسٽس امين الدين خان جواب ڏيندي چيو ته هڪ سئو ارب رپين جو ڏنڊ ڏيڻ جي اوهان جي حيثيت ناهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون