شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي شهر ۾ غير قانوني داخل ٿيندڙ گاڏين خلاف آپريشن جاري

spot_img
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي شهر ۾ غير قانوني داخل ٿيندڙ گاڏين خلاف آپريشن جاري آهي. ٽرانسپورٽ کاتي طرفان 80 گاڏين ۾ تحويل ۾ ورتو ويو ۽ 58 جي روٽ پرمٽس معطل ڪئي وئي. ٽرانسپورٽ کاتي پاران قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 18 ٽرانسپورٽرن کي وارننگ جاري ڪندي هڪ هزار 392 گاڏين تي 44 لک 28 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته حڪومتي قدمن جو مقصد سمورين ٽرانسپورٽ سرگرمين کي قانوني معيار موجب آڻڻ آهي، غير قانوني بس اڏن خلاف آپريشن سان ڪراچي جي روڊن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت بنا فرق جي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پهرين ترجيح غيرقانوني ۽ غير محفوظ گاڏين کي روڊن تان هٽائڻ توڙي شهرين جي پريشانين جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ آهي، عوام اختيارين سان سهڪار ۽ ٽرانسپورٽر قانون تي سختي سان عمل ڪن، مهم مڪمل عمل تائين جاري رکي ويندي………

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون