سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 23 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ چيف جسٽس سميت 23 ججن تي ٻڌل هوندي ۽ ان حوالي سان قومي اسيمبليءَ ۾ بل جمعي تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.
سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو بل حڪومت طرفان پيش ڪيو ويندو.
بل خانگي ڪارروائي جي ڏينهن بئريسٽر دانيال چوڌري پهريان ئي پيش ڪري چڪو آهي.
بل جي منطوري لاءِ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ جمعي تائين جي واڌ ڪئي وئي آهي.
ترميم ٿيل شيڊول موجب اجلاس اڄ ختم ٿيڻو هو، جڏهن ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم بابت به صلاح مشورا جاري آهن