وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جبل موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جبلن جي تحفظ لاءِ نوجوان ڪردار ادا ڪن.
جبلن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته جبلن جي عالمي ڏينهن تي هو عالمي برادريءَ سان گڏجي ڌرتيءَ تي جبلن ۽ ان سان لاڳاپيل لکين ماڻهن جن جون زندگيون هن شاندار منظر سان ڳنڍيل آهن کي اجاگر ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ سندن پياري ملڪ کي برفاني ۽ سرسبز بلند چوٽين سان نوازيو آهي، دنيا جي 16 بلند ترين جبلن مان 8 پاڪستان ۾ آهن، ڪي ٽو جيڪا دنيا جي ٻئي بلند ترين چوٽي ۽ نانگا پربت دنيا جي نائين بلند ترين چوٽي، 7000 کان وڌيڪ گليشيئر، جيڪي قطبي علائقن کان ٻاهر برف جو سڀ کان وڏو ذخيرو پاڪستان ۾ موجود آهن.
وزيراعظم چيو ته جبل جن کي اڪثر دنيا جا ”واٽر ٽاور“ چيو ويندو آهي، مٺي پاڻي ۽ صاف هوا جهڙي ضروري وسيلن جو ذريعو آهن، سڄي دنيا جي جبل آڏو موسمياتي تبديلي ۽ ٻيلن جي ڪٽائي سميت ٻيا چئلينجز آهن.
شهباز شريف چيو ته هن سال جبلن جي عالمي ڏهاڙي جو عنوان ”جبل جي استحڪام لاءِ حل، جدت، موافقت، نوجوان ۽ مستقبل“ آهي، جبلن جي تحفظ لاءِ نوجوان ڪردار ادا ڪن.