تازه ترين

سڄي دنيا جي جبل آڏو موسمياتي تبديلي ۽ ٻيلن جي ڪٽائي سميت ٻيا چئلينجز آهن : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جبل موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جبلن جي تحفظ لاءِ نوجوان ڪردار ادا ڪن. جبلن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته جبلن جي عالمي ڏينهن تي هو عالمي برادريءَ سان گڏجي ڌرتيءَ تي جبلن ۽ ان سان لاڳاپيل لکين ماڻهن جن جون زندگيون هن شاندار منظر سان ڳنڍيل آهن کي  اجاگر ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ سندن پياري ملڪ کي برفاني ۽ سرسبز بلند چوٽين سان نوازيو آهي، دنيا جي 16 بلند ترين جبلن مان 8 پاڪستان ۾ آهن، ڪي ٽو جيڪا دنيا جي ٻئي بلند ترين چوٽي ۽ نانگا پربت دنيا جي نائين بلند ترين چوٽي، 7000 کان وڌيڪ گليشيئر، جيڪي قطبي علائقن کان ٻاهر برف جو سڀ کان وڏو ذخيرو پاڪستان ۾ موجود آهن. وزيراعظم چيو ته جبل جن کي اڪثر دنيا جا ”واٽر ٽاور“ چيو ويندو آهي، مٺي پاڻي ۽ صاف هوا جهڙي ضروري وسيلن جو ذريعو آهن، سڄي دنيا جي جبل آڏو موسمياتي تبديلي ۽ ٻيلن جي ڪٽائي سميت ٻيا چئلينجز آهن. شهباز شريف چيو ته هن سال جبلن جي عالمي ڏهاڙي جو عنوان ”جبل جي استحڪام لاءِ حل، جدت، موافقت، نوجوان ۽ مستقبل“ آهي، جبلن جي تحفظ لاءِ نوجوان ڪردار ادا ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون