- Advertisement -
شهدادپور ويجهو نافرمان پٽ ننڊ ستل پيرسن پيءُ کي لٺيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
شھدادپور ويجھو ڳوٺ شير خان لغاري ۾ نافرمان پٽ اڪبر علي لاکو رات دير سان ننڊ ستل 60 سالن جي پيءُ عبدالوارث لاکو کي لٺيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس پهچي پيرسن شخص جو لاش سمس اسپتال شھدادپور کڻائي وئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
ان موقعي تي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته اڪبر لاکو جو ذھني توازن ٺيڪ نه آهي جنهن جو علاج پڻ ھلندڙ آهي.
سندن چوڻ هو ته رات دير سان اڪبر لاکو پنهنجي ننڊ ستل والد کي لٺيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي پوليس پيرسن پيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار اڪبر علي کي گرفتار ڪري رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.- Advertisement -
