تازه ترين

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 18هين ورسي ملهائي پئي وڃي

- Advertisement -
اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم سنڌو ماٿريءَ جي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ارڙهين ورسي ملهائي پئي وڃي. پيپلزپارٽي طرفان شهيد راڻي جي ورسي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسي لاءِ پنڊال پڻ تيار ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ ٻيا جلسي کي خطاب ڪندا. ورسي ۾ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي سميت پ پ جا مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻ شرڪت ڪندا. ملڪ جي مختلف حصن کان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي پهچي جذباتي انداز ۾ نعرا هڻي دعا گهري کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ آمد جو سلسلو جاري آهي ۽ هر پاسي جيئي ڀٽو ۽ زنده هي بي بي زنده جي نعرن جي گونج آهي. پ پ اڳواڻن ۽ جيالن طرفان شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي پئي وڃي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي شروعات صبح جي وقت قرآن خواني سان ڪئي وئي. منجهند ٻي وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ طرفان شهيد بي بي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشاعرو ڪوٺايو ويندو. مشاعري ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعري جي ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي آخري آرامگاهه ٻاهران سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ آجيان جون ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪندي 8 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جن ۾ 9 ايس ايس پي، 30 اي ايس پي، 77 ڊي ايس پي، ٽريفڪ ۽ ليديز اهلڪارن سميت ڪمانڊوز پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندا. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 200 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪئمرائون، 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس ۽ ميٽلڊ ڊڪيٽر لڳائي بم ڊسپوزل عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي. سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان خصوصي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتان ورسي تقريب جي نگراني ڪئي پئي وڃي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
33 %
3kmh
5 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون