تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهيد سيد حسن نصر الله ۽ شهيد هاشم صفي الدين جي جنازي نماز ۽ تدفين جو اعلان

- Advertisement -
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله پنهنجي ٻن اڳوڻن سربراهن شهيد سيد حسن نصر الله ۽ شهيد هاشم صفي الدين جي جنازي نماز ۽ تدفين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حزب الله جي سيڪريٽري جنرل نعيم قاسم جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته سيد حسن نصر الله ۽ هاشم صفي الدين جي جنازي نماز ۽ تدفيم 23 فيبروري تي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ ٻن مهينن تائين جاري رهندڙ جنگ سبب سندس جنازو عوامي سطح تي نه ٿي سگهيو هو، جنهنڪري کيس امانت طور تدفين ڪئي وئي هئي هاڻي سندس جنازي نماز هڪ وڏي عوامي ميڙ ۾ ادا ڪئي ويندي. حزب الله جي سيڪريٽري جنرل نعيم قاسم چيو ته حسن نصرالله سان گڏ سندس جانشين سمجهو ويندڙ هاشم صفي الدين جي جنازي نماز به ادا ڪئي ويندي. هن چيو ته هاشم صفي الدين جي جنازي نماز به حزب الله جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان ادا ڪئي ويندي، ڇو ته حسن نصر الله جي شهادت جي ڪجهه ڏينهن ئي هاشم صفي الدين کي حزب الله جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو هو. حزب الله جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هاشم صفي الدين کي حزب الله جي سيڪريٽري جنرل بڻجڻ جي اعلان کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ شهيد ڪيو ويو هو. نعيم قاسم چيو ته حسن نصرالله جي تدفين بيروت ۾ ئي ڪئي ويندي، جڏهن ته هاشم صفي الدين جي تدفين اباڻي علائقي دير قانون النهر ۾ ٿيندي. واضح رهي ته اسرائيلي فوج گذريل سال 27 سيپٽمبر تي بيروت ۾ حزب الله جي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪري حسن نصر الله کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ حزب الله ٻئي ڏينهن حسن نصرالله جي شهادت جي تصديق ڪئي هئي. هاشم صفي الدين 23 آڪٽوبر 2024ع تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ شهيد ٿي ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون