ڊگھي قد سبب عالمي رڪارڊ رکندڙ نصير سومري کي جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
نصير جنازي نماز نبي شاھ پاڙي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مٽن مائٽن دوستن سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
نصير سومرو جي تدفين سندس وصيت مطابق اباڻي ٺاروپور قبرستان ۾ ڪئي وئي.
نصير سومرو ڊگھي قد سبب 12 سالن تائين دنيا جو ۽ 7 سالن تائين ايشيا جو قدآور ترين شخصيت جو رڪارڊ رکندڙ شخصيت ھو.
نصير سومرو گذريل ھڪ سال کان جوڙن جي تڪيلف ۽ ساھ جي بيماري سبب پنھنجي گھر اندر بستري تي پيل ھو.
نصير سومرو ساھ جي تڪيلف سبب گذريل ڏينھن پنھنجي شڪارپور واري گھر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو.