تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪستان جي 77 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پيغام

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف 77هين آزادي جي ڏهاڙي تي عوامي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي تي سڄي قوم کي مبارڪ پيش ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته پرامن ۽ جمهوري جدوجهد ذريعي پاڪستان جو قيام تاريخ جو هڪ بيمثال ۽ بينظير باب آهي، هو ملڪ لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏيندڙ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي اتحاد، سلامتي ۽ معاشي استحڪام لاءِ عزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم پنهنجي ابن ڏاڏن ۽ تحريڪ پاڪستان جي گمنام هيروز جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي، جن لکين مسلمانن جي جان بچائي، ڏکڻ ايشيا ۾ ڪروڙين مسلمانن لاءِ هڪ آزاد ملڪ لاءِ جدوجهد ڪئي، جتي هو پنهنجي عقيدن ۽ قدرن موجب زندگي گذاري سگهن. سندس چوڻ هو ته هو ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عوام کي دلي مبارڪ ڏئي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان خوداراديت جي بنيادي حق ملڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
43 %
1.4kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون