تازه ترين

صوبائي وزير سنڌ جي سمورن بورڊز کي امتحاني نتيجا پڌرا ڪرڻ جي ڊيڊلائين ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سنڌ جي سمورن بورڊز کي 15 سيپٽمبر تائين امتحاني نتيجا پڌرا ڪرڻ جي ڊيڊلائين ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ سيڪريٽري ۽ سمورن بورڊز جي چيئرمينز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ امتحان مارچ مهيني ۾ منعقد ڪرڻ، ايندڙ سال کان او ايم آر شيٽس جو استعمال يقيني بڻائڻ سميت ٻيا اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ امتحان ڪنهن به پرائيويٽ سينٽر ۾ منعقد نه ڪيا ويندا. محمد علي ملڪاڻي سنڌ جي سمورن بورڊز جي چيئرمينز کي هدايتون ڏنيون ته مارچ مهيني ۾امتحان وٺڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وڃي. صوبائي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي سيڪريٽري کي هدايتون ڏنيون ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ تعليم کاتي کي خط لکيو وڃي. محمد علي ملڪاڻي سنڌ جي سمورن بورڊز جي چيئرمينز کي هدايتون ڏنيون ته سرٽيفڪيٽ، مارڪ شيٽ ۽ ايڊمٽ ڪارڊ تي ڪيو آر ڪوڊ لڳايو وڃي، ايندڙ امتحانن ۾ ايڊمٽ ڪارڊ تي ڪيو آر ڪوڊ نه هئڻ جو ذميوار لاڳاپيل بورڊ جو چيئرمين هوندو. صوبائي وزير بورڊز جي چيئرمينز کي هدايتون ڏنيون ته بورڊ آف گورنرز جو اجلاس گهرائي بدانتظامي وارن معاملن کي ٽرانسپرنٽ ڪيو ۽ هو پاڻ بورڊز جو دورو ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون