تازه ترين

عدالت رضوانا تشدد ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ معصوم ٻارڙي سان انصاف ڪري: شيري رحمان چيو

موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان، اعليٰ عدالت کان رضوانا تشدد ڪيس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته رضوانا تشدد ڪييس طاقت ۽ اثر رسوخ جي ناجائز استعمال جو بدترين مثال آهي، جن کي معاشري ۾ قانون ۽ انصاف يقيني بڻائڻو هو، اهي پنهنجي اختيار ۽ طاقت کي معصوم ماڻهن خلاف استعمال ڪري رهيا آهن

هن چيو ته افسوس آهي ته اعليٰ عدليا ان معاملي جو اڃا تائين نوٽيس ناهي ورتو،  سول جج ۽ سندس خاندان ظلم ڪرڻ بعد انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن.

شيري رحمان چيو ته اعليٰ عدالت رضوانا تشدد ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ معصوم ٻارڙي سان انصاف ڪري، تشدد جو نشانو بڻيل نينگري جي امڙ جا بيان سنجيده نوعيت جا آهن، انهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، رضوانا کي انصاف ڏنو وڃي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون