- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ مسلمانن جون تڪليفون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهن، نين عالمي چئلينجن ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سان دنيا ورهائجڻ جو خطرو آهي، دنيا کي متحد ڪرڻ لاءِ انصاف ۽ برابري ضروري آهي، جٽادار ترقي جا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي معاشي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن.
گڏيل قومن جي سمٽ آف دي فيوچر جو پهريون ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته دنيا کي متحد ڪرڻ لاءِ انصاف ۽ برابري ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ مسلمانن جون تڪليفون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نين عالمي چئلينجن ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سان دنيا ورهائجڻ جو خطرو آهي، جٽادار ترقي جا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي معاشي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن.
هن چيو ته معاشي طور ڪمزور ملڪن تي قرضن جو بار، معاشي ورهاڱو، عدم برداشت، دهشتگردي، غير قانوني قبضا ۽ غربت ۾ اضافو عالمي اتحاد ۾ رنڊڪ آهن.
سندس چوڻ هو ته جٽادار ترقي جا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي معاشي ڍانچي جا سڌرا ضروري آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رعايتي قرض، ترقياتي مدد ۽ ترقياتي بئنڪن کان قرضن ۾ اضافو معاشي طور ڪمزورملڪن ۾ جٽادار ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته عالمي برادري کي ترقياتي سيڙپڪاري جي ديد طريقن بابت سوچڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي ۾ جدت ترقي جي ضمانت آهي، هر شخص خاص ڪري دنيا جي ڏاکڻين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي تائين برابري واري پهچ تمام گهڻي اهم آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دنيا کي ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال کان محفوظ رکڻ جي ضرورت آهي.- Advertisement -
