اسلام آباد هائيڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ ايم اين ايز جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڪالعدم قرار

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ ايم اين ايز جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيندي سڀني کي جيل منتقل ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ سڀ کان مقدس ادارو آهي پر اندران ايم اين ايز کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جسماني رمانڊ جا سمورا آرڊر هڪ جهڙا آهن،  اسلام آباد پوليس آهي يا رضيه جيڪا غنڊن ۾ ڦاسي وئي آهي،  ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ سٺي ڪاميڊي ڏسڻ لاءِ ملي آهي، ڪيس داخل ڪندڙن سٺي ڪاميڊي لکي آهي. چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هن ڏٺو آهي ته جسماني رمانڊ جا سمورا آرڊر هڪ جهڙا آهن، اسٽيٽ کي جواب ڏيڻ ڏيو ته اهڙو ڇا ٿي ويو جو اٺن اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو،  اهو اهڙو عمل آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي،  کين ڏسڻُو آهي ته اهڙو ڇا ٿي ويو جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ڪيس جي لکڻي به دلچسپ آهي،  اها اسلام آباد پوليس آهي يا وري رضيه جيڪا غنڊن۾ ڦاسي پئي آهي، ڪريڊ ڏيڻو پوندو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ هڪ ڪاميڊي ڏسڻ لاءِ ملي آهي، جنهن به ڪيس داخل ڪيو آهي سٺي ڪاميڊي لکي آهي. سندس چوڻ هو ته شعيب شاهين مٿان پسٽول ڏيکاريو ويو آهي،  ڪاميڊي توهان پڙهي ڇڏي آهي، هاڻي هنن وٽان ڇا هٿ ڪرڻو آهي. چيف جسٽس چيو ته چار ڏينهن ٿي ويا آهن،  جيڪو توهان کي ڪرڻو هو ڪري ڇڏيو، اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڇو ڏنو ويو؟ ٻن ڏينهن جو ڏنو وڃي ها، ڪسٽڊي ڏني وڃي ها پر قطعي طور ڪسٽڊي ته ڪورٽ جي ئي هوندي آهي. هن چيو ته ڪيس ۾ کل جوڳا الزام هنيا ويا آهن ۽ اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن الزام  درست به قبول ڪيا وڃن ته هڪ طريقيڪار هوندو آهي،  اسٽوري جنهن به ٺاهي آهي مزيدار قسم جي ڪهاڻي آهي جنهن تي فلم ٺاهي سگهجي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
53%
2.2m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون