تازه ترين

غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 79 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 79 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيدن جو مجموعي انگ 34 هزار 262 تائين پهچي ويو جڏهن ته 77 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج رفح ۾ پناهگير ڪيمپ تي هوائي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا. هوڏانهن النصر اسپتال ۾ اجتماعي قبرن مان وڌيڪ 35 لاش هٿ آيا آهن. امريڪا اجتماعي قبرون ملڻ تي اسرائيل کان جواب گهري ورتو آهي. وائيٽ هائوس موجب امريڪا غزه پٽي جي ٻن اسپتالن مان اجتماعي قبرن جي دريافت کانپوءِ اسرائيلي اختيارين کان جواب چاهي ٿو. قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان موجب، آمريڪا معاملي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ چاهي ٿو. ياد رهي ته غزه جي سول ڊفينس ايجنسي جو چوڻ آهي ته خان يونس جي ناصر اسپتال مان 340 ماڻهن جي اجتماعي قبر ملي آهي. ان کان علاوه، اٽڪل 30 ماڻهن جي اجتماعي قبر غزه شهر جي الشفا اسپتال جي صحن ۾ دريافت ڪئي وئي. ٻئي پاسي امريڪي يونيورسٽين ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاجي مظارا جاري آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي يونيورسٽين ۾ احتجاج جي ردعمل ۾ چيو ته آمريڪي يونيورسٽين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو خوفناڪ آهي. نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ چيو ته يهود مخالف ڌڙي يونيورسٽين تي قبضو ڪري ورتو آهي، اهڙن واقعن 1930ع واري ڏهاڪي ۾ جرمن يونيورسٽين جي واقعن جي ياد تازي ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون