حڪومت عوام کي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت عوام کي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نون قدمن تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آگيم قدمن جو مقصد مليريا جي هر شڪي ڪيس جي جاچ، تصديق ۽ معياري علاج ڪرڻ آهي. مليريا جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته هر سال اڄوڪي ڏينهن تي ملير جو عالمي ڏينهن آگاهي ۽ مليريا کي ڪنٽرول ۾ پيش ايندڙ چئلينجن جو حل ڳولهڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته خوشي آهي ته قومي صحت واري وزارت گڏيل يونٽ ذريعي مليريا کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتيون ڪوششون ڪيون آهن، ڪامن مينجمينٽ يونٽ مليريا هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته بدقسمتي سان 2022ع ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب ملڪ جي مختلف حصن ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته ٻوڏ جهيڙي قدرتي آفت سبب مليريا کي روڪڻ جي ڪوششن کي نقصان پهتو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هو صوبائي حڪومتن ۽ سمورين اسٽيڪ هولڊرن کان مطالبو ڪن ٿا ته هو هن ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿين، سمورا سٽيڪ هولڊرز مليريا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ به قدم کڻن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
18.4 ° C
18.4 °
18.4 °
44%
2.5m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون