- Advertisement -
آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزه جنگ بندي سندن تاريخي ڪاميابي جو نتيجو آهي، اهو وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پهريون قدم آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ٻئي صدارتي دور جي قسم کڻڻ واري تقريب کان اڳ وشنگٽن ۾ حامين کي خطاب ڪندي چيو ته هو سرحد تي غير قانوني چرپر کي روڪيندا، افتتاحي تقريب ۾ سرحد حفاظتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندا.
ٽرمپ چيو ته غزه جنگ بندي سندن تاريخي ڪاميابي جو نتيجو آهي، اهو وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پهريون قدم آهي.
ٽرمپ اهو به چيو ته فوج کي آئرن ڊوم ميزائل ڊفينس شيلڊ تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏيندو ۽ فوج ۾ موجود ڪمزورين کي ختم ڪندا.
ٽرمپ اڳوڻي امريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي قتل ڪيس جو ڪارڊ جاري ڪرڻ جو واعدو ڪندي چيو ته رابرٽ ايف ڪينڊي ۽ مارٽن لوٿر ڪڪنگ جونيئر قتل بابت رڪارڊ جاري ڪندا جڏهن ته عوامي دلچسپي جا دستاويز به جاري ڪيا ويندا.
ان کان علاوه ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ٽڪ ٽاڪ کي بچائڻ جي ضرورت آهي، امريڪا کي ٽڪ ٽاڪ جي اڌ ملڪيت حاصل ڪرڻ گھرجي، ٽڪ ٽاڪ جي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن اربين ڊالرن تائين پهچي سگھي ٿي، وڏي اي آءِ پلانٽن جي اجازت لاءِ ايمرجنسي اختيار استعمال ڪيا ويندا.
واضع رهي ته نئين چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قسم کڻڻ واري تقريب اڄ شام ٿيندا.
واشنگٽن ڊي سي ۾ گھڻي ٿڌ سبب قسم کڻڻ واري قريب ان ڊور منتقل ڪئي وئي آهي، امريڪي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ واشنگٽن ۾ پارو منفي 11 تائين ڪري سگھي ٿو.
ڊونلڊ ٽرمپ جي قسم کڻڻ واري تقريب جاپان، ڀارت، آسٽريليا جا پرڏيهي وزير شرڪندا ڪندا جڏهن ته چين جو نائب صدر پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندو، پاڪستان جي نمائندگي امريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ ڪندو.
ان کان علاوه بلاول ڀٽو زرداري سميت پاڪستان جون ڪيترون ئي سياسي شخصيتون ۽ پاڪستاني امريڪن به تقريب ۾ شريڪ ٿينديون.- Advertisement -
