- Advertisement -
غزه جنگ بندي معاهدي تحت اسرائيلي جيل مان 90 فلسطينين کي آزاد ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، حماس طرفان جنگ بندي معاهدي تحت گذريل ڏينهن 3 اسرائيلي قيدين کي ريڊ ڪراس حوالي ڪيو ويو.
ٻئي پاسي اسرائيلي طرفان جنگ بنديم عاهدي تحت مختلف جيلن ۾ آزادي ماڻيندڙ 90 فلسطيني قيدين جي فهرست به جاري ڪئي وئي جن ۾ 69 عورتون ۽ 21 ٻار شامل هئا.
اسرائيل جي عوفر جيل ۾ ريڊ ڪراس طرفان جنگ بندي معاهدي تحت آزاد ٿيندڙ فلسطيني قيدين جي تصديق جو عمل جاري رهيو جنهن کانپوءِ اسرائيلي جيل مان 90 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، آزادي ماڻيندڙ قيدين جي والاريل اولهه ڪناري پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسرائيلي جيل مان آزادي ماڻيندڙ قيدي ٻن بسن ذريعي اولهه ڪناري جي شهر بيتونيه پهتا.
هڪ فلسطيني شاگردياڻي، جيڪا اسرائيل پاران آزاد ڪيل 90 قيدين ۾ شامل آهي، نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته حراست دوران حالتون خراب هيون ۽ کين کاڌي ۽ پاڻي تائين محدود پهچ هئي.- Advertisement -
