- Advertisement -
گڏيل قومن جي سيڪرٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي جاري رهڻ گھرجي، فسلطينين کي بيدخل ڪرڻ نسل ڪشي برابر هوندو.
نيويارڪ ۾ عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي انتونيو گوتريس وڌيڪ چيو ته غزه جي ٻيهر تعمير جو خرچ ۽ مـُدي جو اندازو لڳائڻ تمام ڏکيو آهي.
هن چيو ته سڀ کان اهم ٽاسڪ رفح سرحد ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ آهي.
گڏيل قومن جي سڪريٽري جنرل چيو ته فلسطينين کي غزه جي پٽي مان ڪڍڻ نسل ڪشي جي برابر هوندو.
انتونيو گوتريس جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطينين کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوششن سان ٻه رياستي حل جو منصوبو ناڪام ٿي ويندو.- Advertisement -
