- Advertisement -
ڊيرا غازي خان ۾ دهشتگردن جو پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام بڻايو ويو.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، وهوا ٿاڻي جي جهنگي چيڪ پوسٽ تي رات جي اونڌاهيءَ ۾ 15 کان 20 دهشتگردن مختلف طرفن کان حملو ڪيو.
ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردن طرفان راڪيٽ لانچرز ۽ دستي بمب سنيت جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو.
پنجاب پوليس ترجمان موجب، اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي سان حملي کي ناڪام بڻايو ويو جڏهن ته دهشتگرد فرار ٿي ويا، پوليس ٽيمن جو علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.
پنجاب پوليس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آر پي او ڊي جي خان ڪيپٽن رٽائرڊ سجاد حسن خان پوليس آپريشن جي قيادت ڪئي جڏهن ته ڊي پي او ڊيرا غازي خان سيد علي به ساڻس گڏ هو.- Advertisement -
