غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 32 هزار کان وڌي ويو

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 32 هزار کان وڌي ويو. فلسطيني صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 32 هزار 70 فلسطيني شهيد ۽ 74 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن. صحت واري وزارت موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ سئو ڄڻا شهيد ۽ 125 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي تل ابيب ۾ امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران غزه ۾ جنگ بندي، رفح تي اسرائيلي حملن خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته رفح تي حملو اسرائيل کي وڌيڪ اڪيلو ۽ ان جي سلامتي کي نقصان پهچائي سگھي ٿو، آپريشن سان عام شهرين جي مارجڻ جو خطرو آهي. اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته رفح ۾ فوجي آپريشن لاءِ پرعزم آهن، حماس کي شڪست ڏيڻ جو واحد رستو رفح ۾ آپريشن آهي، امريڪا حمايت نه ڪئي ته پاڻمرادو رفح ۾ فوجي آپريشن ڪندا…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
43%
4.1m/s
14%
اربع
21 °
خميس
29 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون