- Advertisement -
حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ٻن ڌار ڌار پوليس مقابلن ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي دوران ڏوهاري ساجد علي شاهه مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس ترجمان موجب ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار اسد پٺاڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ۽ زخمي جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.- Advertisement -
