- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 32 هزار کان وڌي ويو.
فلسطيني صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 32 هزار 70 فلسطيني شهيد ۽ 74 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن.
صحت واري وزارت موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ سئو ڄڻا شهيد ۽ 125 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
ٻئي پاسي تل ابيب ۾ امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران غزه ۾ جنگ بندي، رفح تي اسرائيلي حملن خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته رفح تي حملو اسرائيل کي وڌيڪ اڪيلو ۽ ان جي سلامتي کي نقصان پهچائي سگھي ٿو، آپريشن سان عام شهرين جي مارجڻ جو خطرو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته رفح ۾ فوجي آپريشن لاءِ پرعزم آهن، حماس کي شڪست ڏيڻ جو واحد رستو رفح ۾ آپريشن آهي، امريڪا حمايت نه ڪئي ته پاڻمرادو رفح ۾ فوجي آپريشن ڪندا…….- Advertisement -
