تازه ترين

فاسٽ بالر احسان الله جي والد پي سي بي کي سندس پٽ جو ڪيريئر تباهه ٿيڻ کان بچائڻ جي اپيل

- Advertisement -
فاسٽ بالر احسان الله جي والد پي سي بي کي سندس پٽ جو ڪيريئر تباهه ٿيڻ کان بچائڻ جي اپيل ڪئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالنصير چيو ته گذريل هڪ سال کان پٽ انجري جو شڪار آهي، سوات ۾ سٺا ڊاڪٽر ناهن، ان ڪري سندس بهتر علاج نه پيو ٿئي. هن پي سي بي جي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ احسان الله جو ڪيريئر بچائڻ لاءِ کيس لاهور گهرايو وڃي ته جيئن سندس بهتر علاج ٿي سگهي. هن چيو ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پٽ کي سوات ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ چيو هو پر اتي ڪي به سهولتون ناهن. ڪرڪيٽر جي والد چيو ته هن ڊائريڪٽر اڪيڊميز نديم خان سان ملاقات ڪري احسان الله کي لاهور منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. هوڏانهن احسان الله جي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪوچ ملڪ نصر چيو ته ٻين انجرڊ رانديگرن جيان احسان الله جو به اين سي اي مان علاج ڪرايو وڃي. هن چيو ته احسان الله پاڪستان جو تيز ترين فاسٽ بالر آهي، ان جو ڪيريئر داءَ تي لڳايو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون