تازه ترين

فلسطين جي آزاديءَ جي جنگ کي دهشتگرديءَ سان ڳنڍڻ چريائپ آهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فلسطين جي آزاديءَ جي جنگ کي دهشتگرديءَ سان ڳنڍڻ چريائپ آهي، عالمي برادري اسرائيلي فوج کي غزا ۾ طاقت جي استعمال کان روڪي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان ۾ مقرر فلسطين جي سفير جواد ربيع سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران آرمي چيف غزا ۾ هلندڙ جنگ ۾ فلسطينين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته جنگ ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز هٿان بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته شهري آبادي، تعليمي  ۽ امدادي ڪارڪنن توڙي اسپتالن تي حملا مذمت جوڳا آهن، غزا مان فلسطينين جي جبري بي دخلي انسانيت خلاف ڏوهه آهي.

آرمي چيف چيو ته فلسطين جو گاديءَ وارو شهر القدس شريف آهي، غزا ۾ تشدد جي تازي لهر جبر انساني حقن جي مسلسل  ڀڃڪڙين ۽ رياستي سرپرستي ۾ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتيءَ جو نتيجو آهي، ان کي جنگ سان ڳنڍڻ چريائپ  هوندي.

جنرل عاصم منير چيو ته نازڪ موڙ تي ضروري آهي ته عالمي برادري اسرائيلي فورسز طرفان طاقت جي غيرقانوني استعمال سبب پيدا ٿيندڙ انساني الميي کي ختم ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون