تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پوليو کان محفوظ پاڪستان شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب هو: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليو کان محفوظ پاڪستان شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب هو، پ پ سندس خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جو نالو به دنيا جي پوليو فري ملڪن ۾ شامل ٿيندو. پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم کي ياد آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو پوليو جي خاتمي  واري پروگرام جي شروعات شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪيو هو. هن چيو ته ڪجهه سازشي عنصرن  پوليو پروگرام جي مخالفت ڪئي،  پر شهيد راڻي پوئتي هٽڻ واري نه هئي، هن ان مخالفت خلاف مزاحمت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻيءَ مزاحمت جي شروعات پنهنجي نياڻي آصف ڀٽو زرداري کي ڦڙا پياري ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته سندس يقين آهي هت هر ان جنگ ۾ پاڪستان جي فتح اڻٽر آهي، جنهن جي شروعات ۽ قيادت شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو والدين کي اپيل ٿو ڪري ٿو ته پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارن، مهم دوران پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ ورڪرن کي به هو ڀيٽا پيش ڪري ٿو، اها جنگ وڙهندڙ سندن هيرو آهن، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان جو نالو به دنيا جي پوليو فري ملڪن ۾ شامل ٿيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
8 %
6.3kmh
60 %
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون