- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي صدر نوازشريف چيو آهي ته قومي اثاثا تباهه ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس مري ۾ ن ليگ اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ملڪي سياسي صورتهال ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ مري جي قديم ۽ تاريخي عمارتن جي اصل حالت ۾ بحالي جو اصولي فيصلو ڪيو ويو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته عوامي ڀلائي جي پراجيڪٽن ۾ دير جو سبب بڻجندڙ قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ قومي اثاثا تباهه ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي…………- Advertisement -
