قومي اسميبليءَ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، بل جي حق ۾ 8 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا، جڏهن ته جي يو آءِ ف ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ پ پ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.
پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسميبليءَ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راڻا ارادت حسين خان جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس دوران علي محمد خان جي قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد سان بار بار منهن ماري ٿيندي رهي.
بلال اظهر ڪياني بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.
اجلاس دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو.
اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل بابت ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ بل جي حمايت ۾ 8 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا، جڏهن ته شاهده اختر ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ پ پ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.
قومي اسميبليءَ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.
ان موقعي تي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته آزاد ميمبرن جي ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت ۽ مخصوص سيٽن جو معاملو واضح آهي.
تحريڪ انصاف جي علي محمد خان چيو ته هي خانگي بل آهي، هن بل بابت قانون وارو وزير وڪالت نه ڪري، جنهن بل پيش ڪيو، کيس تشريح ڪرڻ گهرجي.
قومي اسيمبلي ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل پيش ڪيو ويو، جنهن کي اسپيڪر لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اماڻيو هو.
بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي سان وابسطگي جو اقرار نامو تبديل نٿو ڪري سگهجي.