تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
قومي اسميبليءَ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، بل جي حق ۾ 8 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا، جڏهن ته جي يو آءِ ف ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ پ پ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسميبليءَ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راڻا ارادت حسين خان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران علي محمد خان جي قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد سان بار بار منهن ماري ٿيندي رهي. بلال اظهر ڪياني بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو. اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل بابت ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ بل جي حمايت ۾ 8 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا، جڏهن ته شاهده اختر ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ پ پ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. قومي اسميبليءَ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان موقعي تي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته آزاد ميمبرن جي ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت ۽ مخصوص سيٽن جو معاملو واضح آهي. تحريڪ انصاف جي علي محمد خان چيو ته هي خانگي بل آهي، هن بل بابت قانون وارو وزير وڪالت نه ڪري، جنهن بل پيش ڪيو، کيس تشريح ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل پيش ڪيو ويو، جنهن کي اسپيڪر لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اماڻيو هو. بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي سان وابسطگي جو اقرار نامو تبديل نٿو ڪري سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون