- Advertisement -
لاهور: مڙس کي قتل ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر عورت ۽ دوست سميت گرفتار
لاهور ۾ قتل جي الزام هيٺ عورت ٽڪ ٽاڪر ۽ سندس دوست کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان پنجاب پوليس موجب، عورت ٽڪ ٽاڪر 2 سال اڳ دوست سان گڏجي پنهنجي مڙس کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته جوابدار رضوان ملڪ ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو هو .
پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پوليس ڪارروائي ڪري ٽڪ ٽاڪر عورت ۽ سندس دوست کي گرفتار ڪري ورتو.
جوابدار رضوان علي کي واقعي جي ٻن سالن بعد مسقط مان گرفتار ڪيو ويو ….- Advertisement -
