- Advertisement -
ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ۾ دڪان تي فائرنگ دوران زخمي ٿيل عورت علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
27 فيبروري تي ڪورنگي جي علائقي عوامي ڪالوني ۾ ويلڊنگ جي دڪان تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 38 ورهين جي صائمه، دڪاندار قاسم ۽ حارث زخمي ٿي پيا هئا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
زخمين مان 38 ورهين جي صائمه علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته صائمه پنهنجي مڙس ڪامران سان گڏ ويلڊنگ جي دڪان تي آئي هئي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پئي هئي.
هلندڙ سال ڪراچيءَ ۾ ڦر مزاحمت تي چئن عورتن، هڪ ٻارڙي ۽ پوليس اهلڪار سميت 38 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.- Advertisement -
