تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ جهول آهي: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ جهول آهي،  سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ آئين جي ٽن آرٽيڪلني معطل ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته  سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ملڻ بابت اختلافي نوٽ جاري ڪري  ڇڏيو آهي، ڪهڙا سبب آهن جو اڃا باقي ججن طرفان لکت فيصلو جاري نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا جج چئي رهيا آهن ته فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل کي معطل ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڇا اها فلور ڪراسنگ هوندي ته  سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر اٿي تحريڪ انصاف جي سيٽن تي ويهندا؟ ڇا اها آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي ڀڃڪڙي نه هوندي. عطا تارڙ چيو ته مستقبل ۾ به اهڙي فيصلي کي جواز بڻائي فلور ڪراسنگ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو به  اسيمبلي ميمبر پارٽي تبديل ڪري سگهندو؟ٻن ججن جي اختلافي نوٽ اڪثريت جي فيصلي تي تمام گهڻو سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته  ججن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ جيڪي آئيني ۽ قانوني نقطا اٿاريا آهن تن جو جواب ملڻ ضروري آهي. عطا تارڙ چيو ته فيصلي تي عمل لاءِ  آئين کي معطل ڪرڻ قانوني فريم ورڪ تي تمام گهڻو سواليه نشان آهي ٻئي صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هڪ طرفو رليف ملڻ سان آئين ۽ قانون کي ڌڪ لڳندو ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ وڏو نقصان هوندو ۽ فلور ڪراسنگ قانوني ٿي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون