تازه ترين

مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني طور عمل ڪرڻ ممڪن ناهي: راڻا ثناءَ الله

وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني طور عمل ڪرڻ ممڪن ناهي، وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس معاملي تي استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، کين جيل حوالي ڪيو ويو ۽ ڌانڌلي ڪئي وئي پر گڏ ويهڻ لاءِ تيار هئا ۽ اڄ به تيار آهن، پر تحريڪ انصاف ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ٽڪراءَ ٿيو ته ڪنهن شيءَ جو ڪو فائدو نه  هوندو، مخالف پنهنجي ڀرپور طاقت استعمال ڪندي ۽ هو به ڀرپور طاقت استعمال ڪندا.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، آئين ۾ ان حوالي سان پهريان ئي طريقو طئي آهي، آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل جو قسم نامو ڏنو هو.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف نه پر سني اتحاد ڪائونسل وئي، پر سيٽون پي ٽي آءِ کي مليون هاڻي، ايندڙ 29 ڏينهن منڊي لڳندي ۽ هارس ٽريڊنگ جو سلسلو هلندو.

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم، اليڪشن ڪميشن ۽ ججن سميت سڀني آئين جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، فيصلو ڪرڻو آهي ته آئين تي هلڻو آهي يا پنهنجي قسم جي ڀڃڪڙي ڪرڻي آهي، ٻئي شيون گڏ نٿيون هلي سگهن.

راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم ٽيڪس معاملي بابت استعيفيٰ جي ڳالهه ڪئي هئي ان حوالي سان ڪيترن ئي هنڌن تان دٻاءُ آهي، پي ٽي آءِ باني جتي آهي، اتي رهڻ ئي  مناسب آهي، کيس عدالت ۾ وڃڻ کان ڪنهن روڪيو آهي، تحريڪ انصاف باني کي پنهنجي بچاءَ جو حق حاصل آهي پر پراسيڪيوشن کي به حق آهي ته هو پنهنجو ڪيس وڙهي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون