تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني طور عمل ڪرڻ ممڪن ناهي: راڻا ثناءَ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني طور عمل ڪرڻ ممڪن ناهي، وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس معاملي تي استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، کين جيل حوالي ڪيو ويو ۽ ڌانڌلي ڪئي وئي پر گڏ ويهڻ لاءِ تيار هئا ۽ اڄ به تيار آهن، پر تحريڪ انصاف ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ٽڪراءَ ٿيو ته ڪنهن شيءَ جو ڪو فائدو نه  هوندو، مخالف پنهنجي ڀرپور طاقت استعمال ڪندي ۽ هو به ڀرپور طاقت استعمال ڪندا. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مونجهارا وڌيڪ وڌي ويا آهن، آئين ۾ ان حوالي سان پهريان ئي طريقو طئي آهي، آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل جو قسم نامو ڏنو هو. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف نه پر سني اتحاد ڪائونسل وئي، پر سيٽون پي ٽي آءِ کي مليون هاڻي، ايندڙ 29 ڏينهن منڊي لڳندي ۽ هارس ٽريڊنگ جو سلسلو هلندو. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم، اليڪشن ڪميشن ۽ ججن سميت سڀني آئين جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، فيصلو ڪرڻو آهي ته آئين تي هلڻو آهي يا پنهنجي قسم جي ڀڃڪڙي ڪرڻي آهي، ٻئي شيون گڏ نٿيون هلي سگهن. راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم ٽيڪس معاملي بابت استعيفيٰ جي ڳالهه ڪئي هئي ان حوالي سان ڪيترن ئي هنڌن تان دٻاءُ آهي، پي ٽي آءِ باني جتي آهي، اتي رهڻ ئي  مناسب آهي، کيس عدالت ۾ وڃڻ کان ڪنهن روڪيو آهي، تحريڪ انصاف باني کي پنهنجي بچاءَ جو حق حاصل آهي پر پراسيڪيوشن کي به حق آهي ته هو پنهنجو ڪيس وڙهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
13 %
4.1kmh
7 %
آچر
21 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون