تازه ترين

مدرسن جو ديني تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار آهي: حافظ طاهر محمود اشرفي

چيئرمين پاڪستان علماءَ ڪائونسل حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته مدرسن جو ديني تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار آهي، مدرسن جو تعلق تعليم سان آهي، ان کي تعليم واري وزارت سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي، 2019ع کان هن وقت تائين 18 هزار 600 مدرسا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، 2019ع کان مدرسن جي رجسٽريشن واري معاهدي تي ڪوبه اعتراض ناهي ٿيو، رجسٽريشن بابت معاهدي تي مفتي تقي عثماني ۽ ٻين عالمن صحي ڪئي، مدرسن جي رجسٽريشن ۽ نصاب بابت پروپيگنڊا بي بنياد آهي، مدرسا اسلام جو مرڪز آهن، مدرسا دين جي خدمت ڪري رهيا آهن.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته هنن وزارت تعليم سان مدرسن کي ڳنڍڻ تي خوشيون ملهايون هيون، 2019ع کان مدرسا وزارت تعليم سان ڳنڍيا ويا هئا.

سندس چوڻ هو ته اهو تاثرڏنو ويو آهي ته مذهبي عالم هڪٻئي جي سامهون اچي ويا آهن، ملڪ ۾ مدرسا عريبه جا چوڪيدار آهن ۽ رهندا، خوف پکيڙيو پيو وڃي ته ڪو ايندو ۽ مدرسن جو نصاب تبديل ٿي ويندو.

چيئرمين پاڪستان علماءَ ڪائونسل حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته مدرسن جو ديني تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار آهي، مدرسن جو تعلق تعليم سان آهي، ان کي تعليم واري وزارت سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي.

هن چيو ته 2019ع کان هن وقت تائين 18 هزار 600 مدرسا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، محبت جي عينڪ لڳايو ۽ اچو ته اوهان کي رجسٽرڊ مدرسا ڏيکاريا وڃن، 2019ع کان مدرسن جي رجسٽريشن واري معاهدي تي ڪوبه اعتراض ناهي ٿيو.

چيئرمين پاڪستان علماءَ ڪائونسل حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته رجسٽريشن بابت معاهدي تي مفتي تقي عثماني ۽ ٻين عالمن صحي ڪئي، مدرسن جي رجسٽريشن ۽ نصاب بابت پروپيگنڊا بي بنياد آهي، مدرسا اسلام جو مرڪز آهن، مدرسا دين جي خدمت ڪري رهيا آهن………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون