مراد علي شاهه ۽ ڪامران ٽسوري پاران اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملي جي ڏهين ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾  گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو ته 16ڊسمبر 2014 جو ڏهاڙو قومي تاريخ جو المناڪ ۽ ڪارو ترين ڏينهن آهي. سندس چوڻ هو ته هي ڏهاڙو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو، اي پي ايس سانحي قوم کي دهشتگردي خلاف متحد ڪيو. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته قوم بيمثال قربانين ذريعي دهشتگردن جي ڪريل اردان کي ناڪام بڻايو، هو شهيدن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ کين ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيندا. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملي جي ڏهين ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امن ۽ تعليم جي دشمنن اي پي ايس پشاور تي 16 ڊسمبر 2014 تي حملو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته هو آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، ملڪ دشمن عنصرن جي چوڻ تي دهشتگردن معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻايو هو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو علم جو ڏيئو روشن ڪندي پنهنجي ٻارن کي شاندار مستقبل فراهم ڪندا ۽ پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
66%
4.8m/s
87%
آچر
23 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون