تازه ترين

معافي وٺڻ کانسواءِ علي امين گنڊاپور کي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين:عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته معافي وٺڻ کانسواءِ علي امين گنڊاپور کي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، ڪي پي مان ڏنڊن سميت ماڻهن کي جلسي لاءِ لاهور آندو پيو وڃي، ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏيندا، علي امين گنڊاپور ڀتو ڏيڻ کانسواءِ پنهنجي علائقي ۾ نه ٿو وڃي سگهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن، پنجاب حڪومت جلسي ۾ ايندڙن جي صحت جو مڪمل خيال رکندي، سرڪاري ملازم نه پر ڪي پي مان رڳو ڪارڪن وٺي اچو. سندس چوڻ هو ته پنجاب جي ماڻهن کي ٻڌايو ته ڪي پي ۾ ڪهڙا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور لکت ۾ نه جلسي ۾ معافي گهرندو. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز جو واضح حڪم آهي ته رستي ۾ رنڊڪون نه وڌيون وڃن، ڪوبه روڊ بند آهي نه بند ٿيندو، جلسو مقرر وقت ۾ ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جلسي ۾ ڪي پي جي وسيلن جو استعمال عوام سان ظلم برابر آهي، تحريڪ انصاف کي جلسي لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي، ڪنهن کي به حالتون خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف جو ڪم ئي ناڪاري پروپيگنڊا ڪرڻ آهي، تحريڪ فساد جي ڪارڪنن گذريل رات لاهور ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪي پي جو وڏو وزير ڏنڊا سان گڏ ماڻهو وٺي اچي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
36 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون